اسان وٽ کير آڻيو، سنگهي ٻڌائينداسين ته ملاوٽ آهي يا نه:عدالت

ڪراچي (رپورٽر) کير جي قيمتن، ملاوٽ ۽ دڪان سيل ڪرڻ تي عدالت طرفان اهم رمارڪس ڏنا ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي قيمتن بابت ٻڌڻي ٿي، سرڪاري جواب لاءِ مهلت، ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي، سرڪاري  وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڪمشنر ڪراچي کي کير جي اگهن جو اختيار حاصل آهي، صفائي جا جواز ڏئي دڪان سيل ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو ويو، عدالت کان درخواست ڪئي وئي ته سرڪاري جواب تائين دڪاندارن خلاف ڪارروائي روڪي وڃي، عدالت سوال ڪيو ته ڇا اوهان ڪڏهن دڪان تان کير وٺي استعمال ڪيو آهي؟ مينهن جو کير استعمال ڪرڻ سان فرق واضح ٿيندو، عدالت چيو ته ڪراچي ۾ موجود کير ۾ اڳ ئي ملاوٽ ٿيندي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته غلط اگهه مقرر ٿيڻ ڪري دڪاندار ملاوٽ ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان وٽ کير آڻيو، سنگهي ٻڌائي ڇڏينداسين ملاوٽ آهي يا نه، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.