ڊگھڙي (رپورٽ: فقير عبدالقيوم جروار) ڊگھڙي ڀرسان زرعي زمين جي تڪرار تان جٽ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو جڏهن ته چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺ مندرانوالا ۾ زميني تڪرار سبب سئوٽن وچ ۾ جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو، فائرنگ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقي اسپتال ڊگھڙي منتقل ڪيو ويو، جتي گوليون لڳڻ سبب ماجد علي واھلا جٽ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، زخمي ٿيندڙن ۾ قاسم جٽ، اعجاز الحق جٽ، شاھنواز جٽ ۽ علي شير جٽ شامل آهن،شروعاتي طبي امداد بعد زخمي قاسم جٽ، اعجاز الحق جٽ ۽ شاھنواز جٽ کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ زخمي تعلقي اسپتال ڊگھڙي ۾ علاج هيٺ آهي، ڊگھڙي پوليس نفري سميت واقعي واري هنڌ تي پهچي فوري ڪارروائي ڪندي مخالف ڌر جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.