تيل اگهن تي مافيا کي اربين رپين جو فائدو پهتو : محمد زبير

اسلام آباد(بيورو)اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير  چيو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب مافيا کي اربين رپين جو فائدو پهتو آهي۔اسلام آباد ۾ سلمان اڪرم راجا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مافيا وٽ پراڻي قيمت تي پيٽرول موجود هو، ۽ ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار سبب اڳ ئي اندازو هو ته قيمتون وڌنديون۔هن چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ مافيا اربين رپيا ڪمائي ورتا، ڇاڪاڻ ته هنن 60 کان 65 ڊالر في بيرل تي خريد ڪيل تيل 80 کان 85 ڊالر في بيرل تي وڪرو ڪيو۔محمد زبير وڌيڪ چيو ته صرف ٽن هفتن ۾ پيٽرول جون قيمتون انتهائي سطح تي پهچي ويون، ۽ اپوزيشن طور انهن ان معاملي تي ڀرپور آواز اٿاريو آهي۔ هن چيو ته پيٽرول سان گڏ ڊيزل جي قيمت ۾ به وڏو اضافو ٿيو، ۽ جيڪو ڊيزل ملڪ اندر ريفائن ٿئي ٿو، ان تي به عالمي اگهه لاڳو ڪيا ويا۔هن حڪومت کان سوال ڪيو ته عوام کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي وزير يا صلاحڪار جي چوڻ تي اهي فيصلا ڪيا ويا، ۽ ياد ڏياريو ته سعودي عرب هميشه پاڪستان جي مدد ڪندو رهيو آهي۔ٻئي طرف سلمان اڪرم راجا چيو ته موجوده معاشي حالتون تمام ڳڻتي جوڳيون آهن، ۽ عام غريب ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ هن چيو ته اپوزيشن پارٽين جو فرض آهي ته حقيقتون عوام آڏو آڻين۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.