اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ اندر اختلافن جي ڳالهه، اپوزيشن طور آواز اٿارڻ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته عليمه خان جي ڳالهين سان سخت اختلاف آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو عهدي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي پر باني پي ٽي آءِ کيس ان عهدي تي ويهاريو آهي، هن اپوزيشن طور آواز اٿارڻ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو، سلمان اڪرم راجا موجب مختلف پارٽي اڳواڻن ۾ به تحريڪ پيدا ٿي آهي، هن چيو ته 9 اپريل واري جلسي بابت باني پي ٽي آءِ کي آگاهه ڪيو ويو هو، باني پي ٽي آءِ جلسو ملتوي ڪرڻ ۽ امن ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي.