ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اينڪر اقرار الحسن سيد اعلان ڪيو آهي ته هن 21 سالن جي ڪيريئر کان پوءِ اي آر واءِ نيوز تان استعيفaيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن 2005 ۾ آڊيشن ذريعي پنهنجي شروعات ڪئي ۽ آهستي آهستي هڪ مشهور رپورٽر، نيوز اينڪر ۽ پروگرام ميزبان بڻيو، جنهن ۾ “سرِ عام” پروگرام به شامل آهي.هن چيو ته هو پنهنجي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ چينل جو شڪرگذار آهي ۽ خاص طور تي ان جي قيادت، بشمول صدر احمد يوسف، جو احسانمند آهي.اقرار الحسن اهو به چيو ته هو هاڻي پنهنجو ڌيان عوام راج تحريڪ تي ڏيندو ، جيڪا عام ماڻهن کي طاقت ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ تحريڪ آهي،هن چيو ته اي آر واءِ نيوز يا عوام راڄ تحريڪ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي هئي مون عوام راڄ جي چونڊ ڪئي آهي،گهڻين يادن سان 21 سالن جو شاندار سفر شاندار طريقي سان پڄاڻي تي پهتو آهي