واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته آمريڪا جي سفارتي حيثيت ڪمزور ٿي وئي آهي واشنگٽن پنهنجي روايتي برتري برقرار رکڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي ٽي وي انٽرويو دوران هن وڌيڪ چيو ته:ماضي ۾ آمريڪا کي ايران تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ مضبوط پوزيشن حاصل هئي پر هاڻي حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ آمريڪا جو سفارتي اثر گهٽجي ويو آهي هيلري ڪلنٽن ٽرمپ انتظاميا تي به تنقيد ڪندي چيو ته ڳالهين جي عمل ۾ جيرڊ ڪشنر ۽ اسٽيو وِٽڪوف جي ڪردار بابت سوال اٿيا آهن موجوده پاليسي آمريڪا جي سفارتي طاقت کي نقصان پهچائي رهي آهي ان سان نه صرف ايران ڳالهين ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون آهن، پر عالمي اثر به گهٽ ٿيو آهي هن ٽرمپ جي سوشل ميڊيا پوسٽن کي به افسوسناڪ قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته اهي غير متوازن ۽ پريشان ڪندڙ آهن۔