اٽلي پاران اسرائيل سان دفاعي معاهدو ختم

روم(عوامي آواز نيوز)اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني اعلان ڪيو آهي ته اٽلي اسرائيل سان پنهنجو دفاعي معاهدو معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ فوجي سامان جي ڏي وٺ ۽ ٽيڪنالاجي تحقيق شامل هئي۔اطالوي خبر رساں اداري انسا موجب، وزيراعظم ويرونا شهر ۾ هڪ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اسرائيل سان دفاعي معاهدي جي پاڻمرادي  تجديد کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔جارجيا ميلوني وڌيڪ چيو ته هي فيصلو حالتن مطابق ڪيو ويو آهي، پر هن بابت وڌيڪ تفصيل مهيا نه ڪيا ويا آهن،هن چيو ته  امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ضروري آهي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ گهرجن آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ انتهائي اهم آهي، هن آمريڪي صدرٽرمپ  جي پوپ بابت تازي بيانن تي تنقيد ڪندي انهن کي ناقابلِ قبول قرار ڏنو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.