بيجنگ/واشنگٽن/دبئي(عوامي آواز نيوز)بي بي سي جي هڪ نئين تجزيي موجب آمريڪا طرفان ايران خلاف لڳايل بحري ناڪابندي جي شروعات باوجود ڪيترائي جهاز آبناءِ هرمز مان گذري چڪا آهن۔رپورٽ مطابق، جهازن جي ٽريڪنگ ڊيٽا ميرين ٽريفڪ مان حاصل ڪيل معلومات ڏيکاري ٿي ته ناڪابندي جي پهرين 24 ڪلاڪن دوران ايران سان لاڳاپيل گهٽ ۾ گهٽ چار جهاز هن اهم بحري گذرگاهه مان گذريا جن مان ٽي جهاز چين جا به هئا، “مرلي ڪشن” نالي آئل ٽينڪر، جيڪو پڻ پابندين هيٺ آهي، چين جي لانشان بندرگاهه کان روانو ٿي مغرب طرف آبنائي هرمز مان گذريو۔ رپورٽ موجب هن جهاز جي آخري رپورٽ ڪيل پوزيشن ايران جي قشم ٻيٽ جي اوڀر ۾ هئي۔آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب ناڪابندي جي شروعاتي 24 ڪلاڪن دوران ڪو به جهاز ايراني بندرگاهن مان گذرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هو، هن ناڪابندي ۾:10ار کان وڌيڪ فوجي اهلڪار ڪيترائي جنگي بحري جهاز ۽ فوجي هوائي جهاز شامل آهن