ايران هاڻي جنگي صلاحيتون بحال نٿو ڪري سگهي: پيٽ هيگسيٿ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ نئين ۽ خطرناڪ موڙ تي پهچي وئي آهي. آمريڪي فوج ايراني بندرگاهن جي  مڪمل بحري ناڪابندي شروع ڪري ڏني آهي، جنهن کانپوءِ خطي ۾ جنگ جا ڪڪر وڌيڪ گهرا ٿي ويا آهن. آمريڪي جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ ايران کي سخت لفظن ۾ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ناڪابندي دوران جيڪڏهن ايران پاران فائرنگ ڪئي وئي ته اهو قدم سندن لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيندو. هن دعويٰ ڪئي ته ايران هاڻي پنهنجون جنگي صلاحيتون ٻيهر بحال ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ۽ ان جي فضائي حدن تي آمريڪا جي مڪمل گرفت آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ چاهي ته ايران کي مڪمل مفلوج ڪري سگهي ٿو، پر هن هن وقت تائين رحم دلي جو مظاهرو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.