نيويارڪ/لنڊن (م ڊ) ايران جي اسٽريٽجڪ ٻيٽ ۽ تيل برآمد جي سڀ کان وڏي مرڪز خارگ تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کانپوءِ عالمي تيل مارڪيٽ ۾ ٻائتال مچي ويو. تيل جي عالمي منڊي ۾ قيمتون تيزيءَ سان وڌي ويون آهن، جنهن ڪري عالمي معيشت تي وڏا اثر پوڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن. اي ايف پي موجب، ايران تي حملن جي رپورٽنبعد آمريڪي ڪچو تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ 2.1 سيڪڙو واڌ سان 114.71 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو آهي. اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪروڊ جي قيمت ۾ به واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جيڪا 110.22 ڊالر في بيرل تائين وڃي پهتي آهي.