روس ۽ چين، آبناءِ هرمز کولرائڻ جي قرارداد ويٽو ڪري ڇڏي

نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)روس ۽ چين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آبناءِ هرمز بابت پيش ڪيل قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو. هي قرارداد بحرين طرفان پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ آبنائي هرمز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گڏيل دفاعي ڪوششن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي هئي.11 ملڪن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته پاڪستان ۽ ڪولمبيا ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو قرارداد ۾ تبديليون ڪجهه هفتن تائين هلندڙ ڳالهين دوران شروعات ۾ قرارداد باب 7 تحت هئي (جنهن ۾ فوجي طاقت جي اجازت شامل هوندي آهي) پوءِ ان مان اهو حصو ڪڍيو ويو آخر ۾ صرف دفاعي قدمن جي حوصلا افزائي تائين محدود ڪيو ويو اجلاس جي صدارت عبداللطيف بن راشد الزياني ڪئي، جيڪو بحرين جو پرڏيهي وزير آهي.هن ووٽنگ کان اڳ چيو ته هي قرارداد ڪا نئين حقيقت پيدا نٿي ڪري پر ايران جي بار بار ٿيندڙ جارحيت جي جواب ۾ هڪ سنجيده قدم آهي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سلامتي ڪائونسل آبنائي هرمز کي “هٿيار” طور استعمال ٿيڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام رهي، ته ان جا عالمي سطح تي خطرناڪ نتيجا نڪرندا ۽ اهڙو رويو ٻين سامونڊي رستن ۾ به ورجايو وڃي سگهي ٿو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.