ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب اماراتن خبردار ڪيو آهي ته اهڙي جنگ بندي جيڪا خطي جي بنيادي مسئلن، خاص طور تي ايران جي جوهري پروگرام ۽ ”اهي ميزائل ۽ ڊرون جيڪي اڃا تائين اسان ۽ ٻين ملڪن تي وسي رهيا آهن “ کي حل نه ڪري، اها قبول نه هوندي.
يو اي اي جي صدر جي سينيئر صلاحڪار ڊاڪٽر انور قرقاش هڪ بريفنگ دوران چيو ته سندس ملڪ جنگ جي خاتمي جو خواهشمند آهي، پر اهڙو خاتمو نٿو چاهي جيڪو مستقبل ۾ خطي ۾ مسلسل عدم استحڪام پيدا ڪري.
ايران هن جنگ دوران آبناءِ هرمز تي سخت ڪنٽرول رکيو آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه ٽينڪر روزاني بنيادن تي گذري رهيا آهن، پر اِهو انگ معمول کان گهڻو گهٽ آهي.
انور قرقاش چيو ته ايران جي موجوده حڪمت عملي جو نتيجو اهو نڪرندو ته نار وارن ملڪن جي سيڪيورٽي وڌيڪ آمريڪا سان سلهاڙجي ويندي، گهٽجندي نه، ۽ خطي ۾ اسرائيلي اثر به وڌي سگهي ٿو.
هن چيو ته يو اي اي آمريڪا سان پنهنجن لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائيندو، آبناءِ هرمز کي ڪنهن هڪ ملڪ جي محتاج نٿو بڻائي سگهجي.
هن اهو به واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ يو اي اي پاڻ ڪا به بحري فورس مقرر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پر هو ”ڪنهن به آمريڪي يا بين الاقوامي ڪوشش جو حصو بڻبو جيڪو آبناءِ هرمز ۾ سامونڊي چرپر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هجي“.
اهڙي جنگ بندي قبول ناهي جيڪا نار ملڪن کي ايراني حملن کان محفوظ نه رکي سگهي: گڏيل عرب امارتون
You might also like