ابوظهبي(م ڊ) ايراني حملي کان پوءِ متحده عرب امارات (يو اي اي) آمريڪا ۽ ان جي اتحادين سان گڏجي طاقت سان آبناءِ هرمز کي کولڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ رپورٽ موجب، يو اي اي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي جنهن تحت هن آپريشن کي اختيار ڏئي سگهجي ٿو. اماراتي سفارتڪارن آمريڪا ۽ يورپ ۽ ايشيا ۾ فوجي طاقتن تي زور ڏنو آهي ته هڪ گڏيل اتحاد ٺاهيو وڃي جيڪو طاقت سان آبناءِ هرمز کي کوليو وڃي. يو اي اي جي هڪ عهديدار چيو ته امارات آبناءِ هرمز کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد لاءِپنهنجي صلاحيتن جو جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ بارودي سرنگون صاف ڪرڻ ۽ ٻيون سپورٽ خدمتون شامل آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته يو اي اي اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته آمريڪا کي هن اهم آبي رستي ۾ ڪجهه ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ گهرجي، جن ۾ ابو موسيٰ ٻيٽ به شامل آهي، جيڪو گذريل اڌ صدي کان ايراني ڪنٽرول ۾ آهي، جڏهن ته امارات پڻ ان جو دعويٰ ڪري ٿو. عرب عملدارن موجب، سعودي عرب ۽ ٻيا نار جا ملڪ پڻ هاڻي ايراني حڪومت خلاف سخت موقف اختيار ڪري رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته جنگ جاري رهي جيستائين ايران ڪمزور نه ٿئي يا ان جي حڪومت جو تختو اونڌو نه ڪيو وڃي. رپورٽ موجب، بحرين، جيڪو آمريڪا جو ويجهو اتحادي ۽ آمريڪي بحريه جي پنجين بحري ٻيڙي جو گهر آهي، قرارداد تيار ڪري رهيو آهي ۽ ان تي ووٽنگ خميس تي متوقع آهي. خليجي عملدارن موجب، يو اي اي جو هي نئون جارحاڻو موقف ان جي حڪمت عملي ۾ بنيادي تبديلي جي نشاندهي ڪري ٿو. جنگ کان اڳ، اماراتي سفارتڪار آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئا، ۽ ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اڳوڻي سيڪريٽري علي لاريجاني پڻ انهن ڪوششن جي حصي طور ابو ظهبي جو دورو ڪيو. وال اسٽريٽ جرنل جي مطابق، ٽرمپ پنهنجن صلاحڪارن کي ٻڌايو آهي ته هو آبناءِ هرمز کي کولڻ کان سواءِ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ معاملو ٻين ملڪن تي ڇڏي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته روس ۽ چين قرارداد کي ويٽو ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته فرانس هڪ متبادل مسودو پيش ڪري رهيو آهي، پر جيڪڏهن قرارداد منظور نه ٿي ته به يو اي اي آبنائي هرمز کي کولڻ جي ڪنهن به ڪوشش ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار هوندو.