اربن کان کربن تائين جو سفر، آءِ پي ايل دنيا جي مهانگي ترين ليگ ڇو آهي؟

فرنچائز ڪرڪيٽ جي مهانگي ترين ليگ آءِ پي ايل (انڊين پريميئر ليگ) جي افتتاحي ايڊيشن جي فاتح ٽيم راجسٿان رائلز ۽ دفاعي چيمپيئن رائل چيلنجرز بئنگلورو رڪارڊ قيمتن تي وڪرو ٿي ويون آهن.
انڊين پريميئر ليگ ۽ ان کي هلائيندڙ اداري بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا (بي سي سي آءِ) ان معاملي تي اڃا تائين ڪو به باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو، پر ڀارتي ميڊيا ۾ ان حوالي سان رپورٽون گردش ڪري رهيون آهن.
رائل چيلنجرز بئنگلورو کي آدتيا برلا گروپ جي اڳواڻي ۾ خريد ڪندڙ ڪنسرشيم موجب هي معاهدو لڳ ڀڳ 16500 ڪروڙ رپين (1.78 ارب ڊالر) ۾ طئي ٿيو آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا موجب آمريڪي ڪاروباري شخصيت ڪل سوماني جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪنسرشيم، رائلز کي خريد ڪرڻ لاءِ 1.63 ارب ڊالر جي ڪامياب ٻولي لڳائي.

450 ڪروڙ جي سيڙپڪاري 16500 ڪروڙ بڻجي وئي
آر سي بي خريد ڪندڙ گروپ آدتيا برلا گروپ جي ويب سائيٽ موجب، آدتيه برلا گروپ، ٽائمز آف انڊيا گروپ، بولٽ وينچرز ۽ بليڪ اسٽون جي پرائيويٽ ايڪوٽي حڪمت عملي تحت بي ايڪس پي اي (بليڪ اسٽون) گڏجي آر سي بي جا 100 سيڪڙو مالڪاڻا حق حاصل ڪرڻ لاءِ حتمي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن.
معاهدي تحت مردن جي آءِ پي ايل فرنچائز ۽ وومينز يونائيٽيڊ ليگ لاءِ برطانوي ڪمپني ڊياجيو پي ايل سي جي ماتحت ڪمپني يونائيٽيڊ اسپرٽس لمٽيڊ کان 100 سيڪڙو حصو حاصل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي آر سي بي جي اڳوڻي مالڪ ۽ ڪاروباري شخصيت وجئه ماليا پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي تبصرو ڪندي نوَن مالڪن کي واڌايون ڏنيون.
هن لکيو ته”منهنجو هڪ جنون رائل چئلينجر برانڊ ٺاهڻ هو ۽ ان مقصد لاءِ مون فرنچائز جو نالو آر سي بي رکيو، مون کي پنهنجي 450 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري کي 16500 ڪروڙ تائين وڌندي ڏسي وڏي خوشي ٿي رهي آهي.“
هن لکيو ته ” آر سي بي هميشه منهنجي ڊي اين اي جو حصو رهندي، جنهن ۾ نوجوان ويرات ڪوهلي جي چونڊ جهڙيون يادون شامل آهن، جيڪو هاڻي دنيا جي بهترين رانديگرن مان هڪ آهي.“
جيڪڏهن وجئه ماليا جي حساب سان ڏٺو وڃي ته 19 سالن ۾ آر سي بي جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 36 ڀيرا واڌارو ٿيو آهي.

راجسٿان رائلز جو وڪرو
ڀارتي اخبارن ”دي هندو“ ۽ ”ٽائمز آف انڊيا“ موجب، آمريڪي واپاري ڪل سوماني جي اڳواڻي ۾ ڪنسرشيم، راجسٿان رائلز جي ٻولي کٽي آهي.
رپورٽن موجب، هي ڪنسرشيم برلا گروپ جي حمايت واري ٻولي ۽ ٽائمز آف انڊيا گروپ جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي.
رپورٽن موجب، ڪنسرشيم اٽڪل 1.63 ارب ڊالر (لڳ ڀڳ 15300 ڪروڙ رپين) جي ٻولي سان مالڪاڻا حق حاصل ڪيا، جڏهن ته ملڪيت جي منتقلي جون ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٽائمز آف انڊيا موجب، برطانيا ۾ رهندڙ ڪاروباري شخص منوج بڊالي هن ٽيم کي 67 ملين ڊالر (اٽڪل 620 ڪروڙ رپين) ۾ خريد ڪيو هو، يعني 19 سالن ۾ ان جي قيمت لڳ ڀڳ 24 ڀيرا وڌي وئي آهي.
واضح رهي ته ڪل سوماني اڳ ئي رائلز جي سيڙپڪارن مان هڪ رهيو آهي ۽ هو ايڊ ٽيڪ، ڊيٽا پرائيويسي، هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي ۽ راندين جي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل ڪاروبار ۾ سرگرم آهي.

شين وارن جي وراثت
ڀارتي ميڊيا ۾ اها به خبر گردش ڪري رهي آهي ته آسٽريليا جي ليجنڊري ليگ اسپنر شين وارن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ راجسٿان رائلز سان گهٽ سالياني فيس تي معاهدو ڪيو، پر 0.75 سيڪڙو شيئر جو مطالبو ڪيو.
چئن سيزن دوران هن ٽيم سان گڏ رهندي لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو شيئر حاصل ڪيو، جيڪو موجودا وڪري موجب لڳ ڀڳ 460 ڪروڙ رپين جي برابر ٿئي ٿو، جيڪا رقم سندس خاندان کي ملندي، ڇو ته هو 2022 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
ڪجهه ميڊيا ادارن هن آمدني جو مقابلو ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ مهيندر سنگهه ڌوني جي ڪمائي سان ڪيو آهي، جن جي ڪمائي ترتيبوار 230، 211 ۽ 192 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڄاڻائي وڃي ٿي.
ٻئي پاسي راجسٿان رائلز يا بي سي سي آءِ طرفان اهڙي ڪنهن معاهدي جي تصديق ناهي ڪئي وئي.

آءِ پي ايل جي مجموعي ماليت
اهڙن خريداري معاملن مان واضح ٿئي ٿو ته آءِ پي ايل راندين جي دنيا ۾ ڪيتري اهميت رکي ٿي ۽ ان ۾ سيڙپڪاري مان وڏي منافعي جي اميد ڪئي وڃي ٿي.
هڪ ڪاٿي موجب گذريل سال تائين آءِ پي ايل جي ڪُل ماليت 18.5 ارب ڊالر ۽ آمدني 9.5 ارب ڊالر هئي، جڏهن ته ليگ جي ماليت ۾ هر سال لڳ ڀڳ 13 سيڪڙو واڌارو ٿئي ٿو.
روئٽرز موجب، ليگ جي برانڊ ويليو 3.9 ارب ڊالر آهي، جيڪا آءِ پي ايل کي في ميچ آمدني جي لحاظ سان دنيا جي ٻي مهانگي ترين ليگ بڻائي ٿي، جڏهن ته ان کان مٿي صرف اين ايف ايل آهي.
ليگ جي آمدني جو وڏو حصو ميڊيا رائيٽس مان حاصل ٿئي ٿو، جيڪي 2023 کان 2027 تائين لاءِ 6.2 ارب ڊالر ۾ وڪرو ڪيا ويا آهن.

آءِ پي ايل جو 19 هون سيزن 28 مارچ کان شروع ٿيندو
فرنچائز ڪرڪيٽ جي مهانگي ترين ليگ آءِ پي ايل جو 19هون سيزن 28 مارچ تي بئنگلورو جي چناسوامي اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندو، رائل چلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) دفاعي چيمپيئن آهي، تنهنڪري سيزن جي پهرين ميچ اِها سن رائزرز حيدرآباد خلاف پنهنجي هوم گرائونڊ تي کيڏندي.
هن ڀيري به آءِ پي ايل ۾ 10 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن ۽ ٽورنامينٽ جون ميچون ڀارت جي 13 شهرن ۾ کيڏيون وينديون.
دهلي ڪيپيٽلز، ڪولڪاتا نائيٽ رائيڊرز، لکنئو سپر جائنٽس، چنائي سپر ڪنگز، گجرات ٽائٽنز، سن رائزرز حيدرآباد ۽ ممبئي انڊينز پنهنجون هوم ميچون دهلي، ڪولڪاتا، لکنئو، چنائي، احمد آباد، حيدرآباد ۽ ممبئيءَ ۾ کيڏنديون. جڏهن ته راجسٿان رائلز پنهنجون 4 هوم ميچون جئپور ۽ 3 ميچون گوهاٽي ۾ کيڏندي. پنجاب ڪنگز پنهنجون 4 هوم ميچون نيو چنديڳڙهه ۽ 3 ميچون ڌرمشالا ۾ کيڏندي. ان کانسواءِ دفاعي چيمپئن آر سي بي جون 5 هوم ميچون بئنگلورو ۽ 2 هوم ميچون رائيپور ۾ شيڊيول آهن.
هن سيزن ۾ ڪل 74 ميچون کيڏيون وينديون، جن ۾ 70 رائونڊ ميچون هونديون ۽ ان کانپوءِ پلي آف مرحلو (ڪواليفائر ون، اِيليمينيٽر، ڪواليفائر ٽو ۽ فائنل) شروع ٿيندو.
هر ٽيم 14 ليگ ميچون کيڏندي، جن مان 7 ميچون هوم گرائونڊ تي ۽ 7 مخالف ٽيمن جي ميدانن تي هونديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.