مذهبي معاملن واري وزارت حج اڏامن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت حج اڏامن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پاڪستان مان حج اڏامن جي شروعات 18 اپريل کان ٿيندي ۽ آخري اڏام 21 مئي تي رواني ٿيندي.
حج پانڌيئڙا پاڪ حج موبائل ايپ ذريعي پنهنجي اڏام جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته حج اڏامن جي ڄاڻ وزارت جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب حج پانڌيئڙا ايندڙ اعلانن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڏسندا رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.