وزيراعظم بچت مهم تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ آءِ بي کي ٽاسڪ سونپي ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ آءِ بي کي ذميواري سونپي ڇڏي.
ان ڏس ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، آءِ بي وفاقي کاتن، ڊويزنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ به ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد جي نگراني جو ٽاسڪ آءِ بي حوالي ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، آءِ بي حڪومتي ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد بابت هفتيوار رپورٽ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل ڪميٽي کي پيش ڪندي، وزيراعظم قومي ڪفايت شعاري مهم تي 100 سيڪڙو عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
ان کان اڳ عوامي رليف لاءِ کنيل قدمن جي جائزي وٺڻ لاءِ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي استحڪام ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
وزيراعظم چيو ته حڪومت جي وقتائتن فيصلن سبب هن وقت ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي مناسب مقدار موجود آهي ۽ قومي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ بچت لاءِ پاليسي لاڳو ٿي چڪي ۽ وڌيڪ قدمن تي ڪم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.