اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم سيڪريٽري چيو آهي ته 14 اپريل کانپوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي نه ملندي، جنهن سبب اپريل ۾ پاور سيڪٽر جي گيس ضرورت پوري نه ڪري سگهنداسين.
سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس منظور احمد جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان کي تقريبن 70 سيڪڙو پيٽروليم شيون وچ اوڀر مان حاصل ٿينديون آهن، جڏهن ته عام حالتن ۾ عرب ملڪن مان تيل 4 کان 5 ڏينهن ۾ پهچي ويندو آهي پر هن وقت جهازن جي اچ وڃ متاثر آهي.
اختيارين چيو ته پاور سيڪٽر جون ضرورتون ٻين ذريعن کان پوريون ڪيون وينديون، آذربائيجان جي ڪمپني کان ايل اين جي خريد ڪري سگهون ٿا پر اسپاٽ خريداري 24 ڊالر تائين هوندي، جڏهن ته قطر کان 9 ڊالرن تي گيس ملندي.
You might also like