ڪوهاٽ ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ جي علائقي لاچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
ڊي پي او ڪوهاٽ موجب لاچي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪئي، نفري پهتي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.
هن ٻڌايو ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، سندن قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ آيا، علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.