تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسداران انقلاب اعلان ڪيو آهي ته آپريشن وعده صادق 4 جي 54هين لهر تحت اسرائيل ۾ اهم فوجي ۽ انتظامي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
پاسداران انقلاب جي بيان موجب ان ڪارروائي ۾ ٻه ٽن وزني وارهيڊ واري خرمشهر ميزائل، خيبر شڪن ميزائل، قدر ۽ عماد ميزائل جو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته پهريون ڀيرو سالڊ فيول اسٽريٽجڪ ”سجيل“ ميزائل به استعمال ڪيو ويو آهي.
ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته حملن ۾ اسرائيلي فضائي ڪارروائين بابت انتظامي مرڪزن، فوجي ۽ دفاعي صنعتن جي اهم انفرا اسٽرڪچر ۽ والاريل علائقن جي وچ ۾ موجود عسڪري هنڌن کي نشانو بڻايو ويو.
عرب ميڊيا موجب اسرائيل ۾ ايراني حملن ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي، ميزائل حملن کانپوءِ ڪيترن ئي هنڌن تي باهه ڀڙڪي پئي.
ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي حملي ۾ تل ابيب ۾ عمارتون ۽ گاڏيون تباهه ٿيون ۽ اسرائيلي اختيارين به 24 ڪلاڪن ۾ 100 کان وڌيڪ اسرائيلي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
اسرائيلي ميڊيا ايراني حملي ۾ تل ابيب ۾ موجود آمريڪي قونصل جنرل جي رهائشگاهه کي نقصان پهچڻ جي به تصديق ڪئي آهي.
ايراني حملن ۾ اسرائيل ۾ وڏي پيماني تي تباهي، 100 کان وڌيڪ زخمي، آمريڪي قونصل جنرل جي رهائشگاهه کي به نقصان
You might also like