تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسداران انقلاب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي ڳولي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
پاسداران انقلاب چيو آهي ته جيڪڏهن نيتن ياهو اڃا تائين جيئرو آهي ته ان جو پيڇو ڪنداسين، نيتن ياهو جو قتل يا فرار ٿيڻ اسرائيل ۾ بحران کي ظاهر ڪري ٿو.
پاسداران انقلاب چيو ته صيهونين جون پاڙون پٽجي رهيون آهن، اسرائيل ۾ ايمبولينسن جا مسلسل آواز اسان جي ڪاميابي جي عڪاسي آهي.
پاسداران انقلاب وڌيڪ چيو ته ديوهيڪل ميزائلن سان اسرائيل جي صنعتي مرڪزن کي نشاني تي رکيو آهي.
You might also like