اسلام آباد (ويب ڊيس) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف نفرت ۽ تعصب جي خاتمي جي ضرورت آهي.
اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اسلام امن، همدردي ۽ انصاف جو دين آهي، اسلام کي انتهاپسندي سان جوڙڻ لاعلمي جي عڪاسي آهي.
هن چيو ته عالمي برادري نفرت جوڳن ڏوهن خلاف قانوني تحفظ مضبوط بڻائي، اظهار جي آزادي نفرت پکيڙڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسلامو فوبيا خلاف عالمي فورسز تي مسلسل آواز اٿاريندو رهيو آهي، ٻاهرئين ملڪن ۾ پاڪستاني معاشرن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، مسلمانن خلاف تعصب ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي تحفظ کي متاثر ڪري ٿو.
You might also like