ڪراچي/ لاهور (رپورٽر/ بيورو) ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ کان پوءِ بسن ۽ ڪوچن جي ڪراين ۾ به وڏي واڌ ڪئي وئي آهي، ڪراچي کان دادو، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور، سکر، خيرپور ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ڪوچن ۾ پاڻمرادو ئي ڪراين ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، مسافرن جون رڙيون نڪري ويون، عيد ويجهو ايندي ئي ڪراين ۾ واڌ سبب مسافرن کي پنهنجي اباڻن ڳوٺن ڏانهن وڃڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته لاهور ۾پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به اضافو ڪيو ويو ، لاهور کان راولپنڊي لاءِ ايگزيڪيوٽو بس جو ڀاڙو 2250 مان وڌي 2480 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو پلس جو ڀاڙو 3350 مان وڌي 3680 رپيا ڪيو ويو، لاهور کان ڪراچي جو ڀاڙو 3 هزار رپين جي واڌ سان 13200 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاهور کان مري جو ڀاڙو 3100 مان وڌي 3720 رپيا ڪيو ويو آهي، ساڳي طرح لاهور کان صادق آباد جو ڀاڙو 700 رپين جي واڌ سان 4200 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاهور کان ملتان جو نئون ڀاڙو 3150 مان وڌي 3750 رپيا ٿي ويو، لاهور کان سيالڪوٽ جو نئون ڀاڙو 1800 مان وڌي 2150 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاهور کان پاڪپتن جو ڀاڙو 350 رپين جي واڌ سان 1750 رپيا ٿي ويو آهي، ان کان سواءِ لاهور کان سرگوڌا جو نئون ڀاڙو به 350 رپين جي واڌ سان 2000 رپيا مقرر ڪيو ويو، مختلف ذريعن موجب ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪوچن جي ڪراين ۾ هزار کان 2 هزار رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي.