نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ 3 سال واڌ، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد جي ملازمت واري مدي ۾ وڌيڪ 3 سالن جي واڌ ڪئي وئي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
قانون واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ اڄ يعني 6 مارچ 2026 کان لاڳو هوندي .
نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سندس ملازمت جي مدي ۾ واڌ موجوده شرطن ۽ ضابطن تحت ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد کي پهريون ڀيرو 6 مارچ 2023 تي 3 سالن لاءِ نيب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، سندس ملازمت جو مدو اڄ پوري ٿي رهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.