ابوظهبي)ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي رهواسين لاءِ ابوظهبي پوليس اردو ۾ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
پوليس طرفان عوام کي ملبي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر نه ڪرڻ جو مشورو ڏيندي شهرين کي ملبي ۽ ڊرون جي ٽڪرن (فريگمينٽس) کان پري رهڻ جو پيغام ڏنو ويو آهي.
اماراتي اختيارين عوام کي ڪِريل ٽڪرن جي ويجهو نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ابوظهبي پوليس پيغام عربي، انگريزي، هندي ۽ چيني ٻولين ۾ به جاري ڪيو ۽ چيو ته شهري واقعي وارن هنڌن کان پري رهن ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن.
ان کانسواءِ ڪنهن به شڪي ملبي يا ٽڪري کي هٿ نه ڇهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پوليس عوام کي هنگامي اطلاع لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي 999 تي ڪال ڪرڻ لاءِ چيو آهي.