اسلام آباد (بيورو) افغانستان ۾ فضائي ڪارروائي بابت حڪومت طرفان باضابطا موقف سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته افغانستان طالبان کي ٻي سرحد تي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کان 10 ارب رپيا گهريا،پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضلچوڌري اجلاس ۾ ٻڌايو ته پاڪستان جي بچاءَ واري وزير افغانستان جي مطالبي تي چيو ته 10 ارب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر گارنٽي ڏيو ته پوءِ مداخلت نه ٿيندي، تازن دهشت گردي جي واقعن ۾ افغان شهري ملوث آهن، انهن دهشت گردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي افغانستان ۾ پاڪستان ايئر فورس ڪامياب ڪارروائيون ڪيون، پاڪستان افغانستان جي ٽن صوبن ۾ مختلف جاين تي ڪارروائيون ڪيون ۽ ان فضائي ڪارروائي جو هڪ پس منظر آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغانستان کي پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جو چيو هو، پاڪستان هاڻ جنازا نه کڻندو، هڪ هڪ شهيد جي رت جو پلاند ورتو ويندو، دهشتگردي جي خاتمي تائين اسان جو آپريشن جاري رهندو.