جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس اپ ۾ آئي ڏينهن نت نوان فيچرز شامل ڪيا ويندا آهن ۽ هاڻي هڪ دلچسپ اپڊيٽ پڻ متعارف ڪرائي پئي وڃي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ ۾ اهڙو فيچر شامل ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي ٽيڪسٽ کي ٻين ماڻهن کان لڪائڻ ممڪن بڻجي ويندو .
حقيقت ۾، ٽيڪسٽ تيستائين نظر نه ايندو جيستائين ان تي خاص طور ڪلڪ نه ڪيو وڃي.
هي فيچر سوشل ميڊيا سائيٽ ريڊيٽ جي اسپائلر فارميٽنگ فيچر سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن ۾ پوسٽ ۾ مخصوص ٽيڪسٽ کي لڪايو ويندو آهي ۽ ڏسڻ لاءِ ڪلڪ ڪرڻو پوندو.
هي نئون فيچر هاڻي واٽس ايپ جي آءِ او سي ڊيوائسز جي نئين بيٽا ورزن ۾ نظر آيو آهي.
هي فيچر گروپ چيٽس لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو، جتي ڪجهه ماڻهو مخصوص ٽي وي شوز يا فلمن بابت تازي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته ڪجهه کي اسپائلر پسند نه هوندو.
جيئن ته هي فيچر اڃا بيٽا ورزن ۾ آهي، ان ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته اهو سڀني واهپيدارن لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرائي سگهجي ٿو، پر اِهو ضرور آهي ته واهپيدارن ۾ هي فيچر تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو.
رپورٽ موجب، هي فيچر في الحال رڳو ٽيڪسٽ پيغامن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، تصويرون ۽ ويڊيوز لاءِ نه.