واشنگٽن/تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته جوهري معاملي جو واحد حل سفارتي ڳالهين ۽ سفارتي حل تائين پهچڻ آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن معاهدي تائين نه پهچي سگهياسين ته ايران پنهنجي دفاع ۾ ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.
آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي عباس عراقچي چيو ته ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ امڪاني جوهري معاهدي جو ابتدائي مسودو تيار ڪري وٺنداسين، منظوري ملڻ تي اهي دستاويز آمريڪي خاص ايلچي حوالي ڪيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين ۾ جوهري افزودگي روڪڻ جي آڇ نه ڪئي آهي، نه ئي آمريڪا اهڙو ڪو مطالبو ڪيو آهي، ڳالهين واري عمل دوران ٻنهي ملڪن جا وفد تيز رفتار معاهدي تي ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته جوهري معاملي جو ڪو فوجي حل ناهي، جوهري معاملي جو واحد حل سفارتي ڳالهين ۽ سفارتي حل تائين پهچڻ آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن معاهدي تائين نه پهچي سگهياسين ته ايران پنهنجي دفاع ۾ ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.
عباس عراقچي جو چوڻ هو ته سفارتڪاري ۽ جنگ ٻنهي لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته ان سان صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي ويندي، آمريڪي حملو نه رڳو ايران پر سڄي خطي ۽ عالمي برادري لاءِ تباهه ڪندڙ نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي صدر ۽ ڪانگريس ميمبرن کي پيغام ڏنو ته آمريڪي حڪومتون ايران خلاف لڳ ڀڳ هر حربو آزمائي چڪيون آهن، ايران خلاف جنگ، پابنديون يا اسنيپ بيڪ، ڪو به حربو ڪامياب نه ٿيو.
هن چيو ته ايراني عوام سان احترام واري ٻولي ۾ ڳالهائيندئو ته اسان به ساڳي ٻولي ۾ جواب ڏينداسين، جيڪڏهن توهان اسان سان طاقت جي ٻولي ۾ ڳالهائيندئو ته اسان به ساڳي ٻولي ۾ جواب ڏينداسين.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان ۾ چيو هو ته ايران تي محدود حملي بابت سوچي رهيو آهيان.