جِنَن کان ناهيان ڊڄندي، انسان کان وڏو ڪو شيطان ڪونهي: صبا قمر

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا صبا قمر ڊرامي جي شوٽنگ دوران پيش آيل هڪ ڀوائتي واقعي بابت ٻڌايو آهي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا خانگي ٽي وي چئنل جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا سيٽ تي شوٽنگ دوران پيش آيل ڀوائتو واقعو بيان ڪيو.
صبا قمر چيو ته ڊرامو ”معمه“ جي شوٽنگ هلي رهي هئي ۽ سڀئي سيٽ تي موجود هئا، سندس ميڪ اپ آرٽسٽ نماز لاءِ وضو ڪري رهيو هو ته اوچتو ڪنهن پٺيان کان کيس زور سان ڌِڪو ڏنو، جنهن کانپوءِ سڄو سيٽ ڊڄي ويو.
اداڪارا چيو ته هوءَ غيبات تي يقين رکي ٿي، شايد هو ڪنهن اهڙي جاءِ تي موجود هئا جتي جِنَ رهندا هجن، انهن کي ايذاءُ يا تڪليف ٿي هجي.
سندس چوڻ هو ته ان واقعي کان پوءِ سمورا آرٽسٽ ڊڄي ويا هئا، ڊرامي جو 60 سيڪڙو حصو مڪمل ٿي چڪو هو، تنهنڪري ڪجهه آرٽسٽن لوڪيشن تبديل ڪرڻ جي صلاح پڻ ڏني.
اداڪارا چيو ته هن ڊرامي تي تمام گهڻي محنت ڪئي هئي، تنهنڪري هن فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿئي، شوٽنگ مڪمل ڪري ئي ويندي،
صبا قمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس نٿو لڳي ته انسان کان وڏو ڪو شيطان آهي ۽ کيس جنن کان ڊپ نٿو ٿئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.