ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: رڪي پونٽنگ جي صائم ايوب بابت وڏي اڳڪٿي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان جي نوجوان اوپنر صائم ايوب کي اهم رانديگر قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويوءَ ۾ پونٽنگ صائم ايوب جو مقابلو ڏکڻ آفريڪا جي جارحاڻي مزاج واري نوجوان بيٽر ڊيوالڊ بريوس سان ڪندي چيو ته صائم ايوب اهڙو نوجوان ٽيلنٽ آهي جيڪو ميچ جو پاسو پلٽي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن صائم ڪجهه سٺيون اننگز کيڏڻ ۾ ڪامياب رهيو ته ڪنهن به ٽيم لاءِ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان کي هارائڻ ڏکيو ٿي ويندو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ اسٽيج ۾ صائم ايوب جي ڪارڪردگي غير مستقل رهي آهي.
نيڌرلينڊز خلاف هن 24 رنسون ٺاهڻ سان گڏ 2 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته آمريڪا خلاف 19 رنسون اسڪور ڪيون پر ڪا به وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو.
ڀارت خلاف ٽورنامينٽ جي هاءِ وولٽيج ميچ ۾ هو رڳو 6 رنسون ٺاهي سگهيو پر 3 رانديگر آئوٽ ڪيا. نميبيا خلاف آخري گروپ ميچ ۾ هن 14 رنسون ٺاهيون ۽ ڪا به وڪيٽ نه وٺي سگهيو.
هلندڙ سال کيڏيل آخري 9 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ صائم 142 رنسون ٺاهڻ سان گڏ 8 وڪيٽون ورتيون آهن.
پاڪستان ٽيم گروپ اي ۾ ٽن ڪاميابين سان ٻي پوزيشن ماڻي هئي ۽ هاڻي سپر ايٽ مرحلي ۾ نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ سريلنڪا ق سان مقابلو ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.