ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: سُپر ايٽ مرحلو سڀاڻي کان شروع، پاڪستان جو نيوزيلينڊ سان دنگل، برسات جو خدشو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو سپر ايٽ مرحلو سڀاڻي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ سان شروع ٿيندو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ سپر ايٽ ميچ آر پريماداسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شام ساڍي ڇهين وڳي کيڏي ويندي.
ان سلسلي ۾ نيوزيلينڊ اڄ آر پريماداسا ۾ پريڪٽس لاءِ پهتي، جتي برسات سبب ڪيوي ٽيم کي مقرر وقت کان اڌ ڪلاڪ اڳ ٽريننگ ختم ڪرڻي پئي، جڏهن ته آلي آئوٽ فيلڊ سبب پاڪستان جو پريڪٽس سيشن رد ٿي ويو.
پاڪستاني ٽيم کي نيوزيلينڊ خلاف ميچ جي تياري لاءِ پريماداسا اسٽيڊيم ۾ 3 ڪلاڪ ٽريننگ ڪرڻي هئي، پر برسات جي ڪري اهو سيشن مڪمل نه ٿي سگهيو.
سڀاڻي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ميچ ۾ پڻ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن بابت نيوزيلينڊ جي بيٽر مارڪ چيپمين جو چوڻ آهي ته اهڙين حالتن ۾ ٽاس جو ڪردار اهم ٿي ويندو آهي.
مارڪ چيپمين وڌيڪ چيو ته سريلنڪا جون ڪنڊيشنز اسپنرز لاءِ سازگار ٿي سگهن ٿيون، پاڪستان وٽ بهترين اسپنرز آهن، جڏهن ته ڀارت جون پچون بيٽنگ لاءِ سازگار هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.