بئنڪاڪ(ويب ڊيسڪ) وومينز ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز ۾ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ بنگلاديش اي پاڪستان اي کي 54 رنسن تان هارائي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي.
ٿائيلينڊ جي راڄڌاني بئنڪاڪ ۾ کيڏيل وومينز ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽار جي سيمي فائنل ميچ ۾ پاڪستان اي وومينز ٽيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
بنگلاديش پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنسون ٺاهيون، ڪپتان فهيمه خاتون 40 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
پاڪستان وومينز ٽيم بنگلاديش طرفان مليل 111 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي 17 هين اوور ۾ 56 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان طرفان ڪپتان حفصه خالد 12، شوال ذوالفقار 14 ۽ يسرا عامر 11 رنسون ٺاهي پويلين موٽيون، جڏهن ته ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو.
واضح رهي ته ڀارتي وومين ٽيم اڳ ئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي.