شاگردن لاءِ اهم خبر، بورڊ امتحانن جو طريقيڪار تبديل

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور بورڊ امتحانن جي طريقڪار ۾ تبديلي جو اعلان ڪندي چيو آهي نائين جماعت جي پريڪٽيڪل پيپرز کي اي مارڪنگ ذريعي چيڪ ڪيو ويندو.
لاهور بورڊ جي انتظامن هيٺ ٿيندڙ امتحانن ۾ ڪجهه اهم تبديليون ڪيون پيون وڃن، جن ۾ نائين جماعت جا پريڪٽيڪل پيپرز پڻ شامل آهن ۽ ان سان گڏ اي مارڪنگ وارو عمل به متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لاهور بورڊ جي سيڪريٽري رضوان نذير ٻڌايو ته ”پريڪٽيڪل امتحانن ۾ انويجيليٽرز طرفان شين کي مِس منيج ڪرڻ جون تمام گهڻيون شڪايتون سامهون اچي رهيون هيون، جئين اسان جو پيپر مارڪنگ سينٽر تي چيڪ ٿيندو آهي، تيئن پريڪٽيڪل پيپر جا ٿِيورِي وارا حصا پڻ اسان جي سينٽرلائزڊ مارڪنگ سينٽر تي ايندا ۽ اُتي ئي چيڪ ٿيندا.“
رضوان نذير وڌيڪ چيو ”اسان پريڪٽيڪل امتحان وٺندڙ ايگزامنر کي جيڪي 30 مان 30 نمبر ڏنا هئا، ان جو غلط استعمال ٿي رهيو هو، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم واري صوبائي وزير راڻا سڪندر ۽ مزمل محمود ذاتي طور تي ڪوششون ڪري هدايت ڪئي آهي ته ان کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، هاڻي پريڪٽيڪل جي مارڪنگ پڻ سينٽرلائزڊ طريقي سان ڪئي ويندي ۽ اسان ليبز ۾ ڪيمرا لڳائينداسين ته جيئن مِس مينيجمينٽ نه ٿئي.”
رضوان نذير جو چوڻ هو ته ”جيستائين اي مارڪنگ جو تعلق آهي، ته جوابن لاءِ اِي-شيٽ هوندي جنهن ۾ هر سوال لاءِ مخصوص جاءِ هوندي، جڏهن هي پيپر بورڊ وٽ ايندو، ته اسان ان کي اسڪين ڪري مختلف حصن ۾ ورهائي ڇڏينداسين، ايگزامنر کي ڪنهن سينٽر تي اچڻ جي ضرورت نه هوندي، اسان کيس هڪ آءِ ڊي ڏينداسين ۽ هو گهر ويٺي پيپرز چيڪ ڪري سگھندا.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.