واٽس ايپ دنيا جو مقبول ترين پيغام رسائيندڙ پليٽفارم آهي جنهن کي روزانو اربين ماڻهو استعمال ڪندا آهن، هاڻي ڪمپني طرفان واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جو مطالبو واهپيدار ڊگهي عرصي کان ڪري رهيا هئا
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب، واٽس ايپ گروپن لاءِ هسٽري شيئرنگ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي. هي فيچر واٽس ايپ گروپ چيٽس لاءِ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو.
هن فيچر جي مدد سان ڪنهن گروپ ۾ نوَن شامل ٿيندڙ ماڻهن سان گروپ چيٽ جا تازا ميسيجز ۽ ميڊيا فائلز شيئر ڪري سگهجن ٿيون. ان جو مقصد اهو آهي ته نون ميمبرن کي گروپ ۾ جاري گفتگو سمجھڻ ۾ مدد ملي.
ڪمپني موجب، فيچر کي اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ هي هوريان هوريان سمورن واهپيدارن کي دستياب ٿي ويندو.
نئين فيچر ۾ ڇا آهي
هن نئين فيچر ذريعي ڪنهن گروپ ۾ اڳ ۾ موجود ميمبر کي نون ميمبرن سان تازي چيٽ هسٽري شيئر ڪرڻ جو موقعو ملندو.
اڃا تائين جيڪڏهن ڪو فرد ڪنهن گروپ ۾ شامل ٿئي ٿو ته کيس پراڻن پيغامن تائين پهچ ناهي هوندي ۽ ان کي پراڻن ميمبرن کان مدد وٺڻي پوندي آهي.
پر هن نئين فيچر جي تحت هاڻي پراڻا ميمبر نون ميمبرن سان 100 پراڻا پيغام شيئر ڪري سگهن ٿا.
پر خيال رهي ته هي فيچر آپشنل آهي جنهن تحت گذريل 14 ڏينهن جي 25 کان 100 پيغامن کي نون ميمبرن سان شيئر ڪري سگهجي ٿو. ان طريقي سان گروپ ايڊمن کي اهي ميسيجز مئنيوئلي موڪلڻ جي ضرورت نه پوندي.
اهي پيغام مختلف رنگ ۾ ظاهر ٿيندا ته جيئن سان نوَن ميمبرن کي اهو سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ته هي پراڻا پيغام آهن.
جڏهن چيٽ هسٽري نون ميمبرن سان شيئر ڪئي ويندي ته گروپ جا ٻين ميمبرن کي نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهه ڪيو ويندو ۽ ٻڌايو ويندو ته ڪهڙي فرد انهن پراڻن پيغامن کي شيئر ڪيو.