لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار ماهرا خان سينيئر اداڪار همايون سعيد کي ولن جي ڪردار ۾ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
اداڪارا ماهرا خان ۽ فهد مصطفيٰٰ پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”آگ لگي بستي ۾“ جي مشهوري ۾ رڌل آهن ۽ ان سلسلي ۾ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.
ان دوران ميزبان طرفان ماهرا کان سوال ڪيو ويو ته توهان اداڪار همايون سعيد کي ڪهڙي صلاح ڏيندئو ؟ جنهن تي اداڪارا چيو ته مان همايون سعيد کي ولن جي ڪردار ۾ ڏسڻ چاهيان ٿي، نوري نٿ جهڙي انوکي ڪردار ۾، همايون کي ايڪشن هيرو بڻجڻ جو شوق به آهي.
ميزبان ايڪشن بابت اداڪار فهد مصطفيٰ کان سوال ڪيو، جنهن تي اداڪار چيو ته مون کي به ايڪشن جو شوق آهي پر پاڪستان ۾ سهولتون ناهن، هاڻي به فلم جي شوٽنگ دوران منهنجي هٿ جي آڱر ٽٽي پئي هئي.