رمضان جو پهريون جمعو:اسرائيل فلسطنين جي مسجد اقصيٰ ۾ داخلا محدود ڪري ڇڏي

بيت المقدس(ويب ڊيسڪ) والاريل بيت المقدس ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني جي پهرئين جمعي تي موقعي تي اسرائيل فلسطينين جي مسجد اقصيٰ جي احاطي تائين رسائي سختي سان محدود ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، رام الله ڀرسان قلنديه چيڪ پوائنٽ تي سوين فلسطيني ڊگهي قطارن ۾ بيٺل آهن ۽ يروشلم ۾ داخلا جي اجازت جا منتظر آهن.
اسرائيلي اختيارين موجب، والاريل اولهندي ڪناري مان خاص اجازت نامي تحت رڳو 10 هزار فلسطينين کي اڄ مسجد اقصيٰ ٰ ۾ داخلا جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته اِهو انگ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته رڳو 12 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار، 55 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد ۽ 50 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر جون عورتون ئي داخلا لاءِ اهل هونديون.
اسرائيلي ميڊيا موجب، صبح تائين لڳ ڀڳ 2 هزار فلسطيني قلنديه چيڪ پوائنٽ کان بيت المقدس ڏانهن گذرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا، جڏهن ته اولهندي ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس کي ڌار ڪندڙ چيڪ پوائنٽن تي اسرائيلي فوج هاءِ الرٽ تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.