گوگل ميپس ۾ وڏي تبديلي، واهپيدارن لاءِ نقشن تائين پهچ محدود

گوگل ميپس ۾ هڪ اهڙي نئين تبديلي متعارف ڪرائي پئي وڃي، جيڪا هن نيويگيشن سروس جي استعمال جو تجربو تبديل ڪري ڇڏيندي.
نائين ٽو فائيو گوگل جي رپورٽ موجب، هاڻي گوگل اڪائونٽ سان لاگ ان نه ٿيڻ جي صورت ۾ واهپيدار ميپس جو محدود ويُو ڏسي سگهندا.
ان محدود ويُو ۾ ڪيئي فيچرز جهڙوڪ ”نيئر باءِ بزنسز ڊسپلي“ ، ويجهو موجود اهم ماڳن ۽ يوزر ريويوز جهڙا فيچرز موجود نه هوندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڃا تائين واهپيدار گوگل ميپس تي لاگ ان ڪرڻ کانسواءِ به گهڻي ڀاڱي فيچرز استعمال ڪري سگھن ٿا.
پر ”لمٽيڊ ويُو“ نالي هن فيچر سان، واهپيدار گوگل ميپس ۾ لاگ ان نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيئي فيچرز کان محروم رهجي ويندا.
اهو واضح ناهي ته هي تبديلي ڇو ڪئي پئي وڃي، ڇو ته ڪمپني ان حوالي سان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو، پر امڪان آهي ته هي سسٽم جي ڪنهن خرابي جو نتيجو هجي.
پر وڌيڪ امڪان اهو آهي ته گوگل طرفان هن فيچر جي آزمائش محدود واهپيدارن ۾ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.