ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ڪيوي ڪرڪيٽر مارڪ چيپمين چيو آهي ته اسان کي پاڪستان سان کيڏڻ جو تجربو آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته ڇا پلان ڪرڻو آهي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو سپر ايٽ مرحلو سڀاڻي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ سان شروع ٿيندو.
ان ڏس ۾نيوزيلينڊ جي جارحاڻي مزاج واري بيٽر مارڪ چيپمين سپر ايٽ مرحلي کان اڳ ڪولمبو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن خطي ۾حالتون اهڙيون آهن جو ٽاس اهميت رکي ٿي، اسان جي رانديگرن کي هتي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو تجربو آهي، سڀني کي هتان جي ڪنڊيشن جو پتو آهي.
هن چيو ته ڀارتي پچز بيٽرز لاءِ مددگار رهيون آهن، بالرن کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، ڀارت ۾ بالرن لاءِ موقعا گهٽ هئا، هنن ڪنڊيشنز ۾ اسپنرز جو ڪردار اهم هوندو آهي، عثمان طارق جو انوکو ايڪشن آهي، هو ڪريز تي اچي بيهي رهي ٿو.
چيپمين جو چوڻ هو ته پاڪستان وٽ بهترين اسپنرز آهن، هر ڪو خطرناڪ آهي، ماضي ۾ پاڪستان ئي اڪيلي ٽيم آهي جنهن سان اسان سڀ کان گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، اسان کي پاڪستان سان کيڏڻ جو تجربو آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته ڇا پلان ڪرڻو آهي.
ڪيوي بيٽر وڌيڪ چيو ته اسپنرز خلاف کيڏڻ لاءِ توهان کي مختلف شاٽس پلان ڪري کيڏڻو پوندو آهي، اسان وٽ به اهڙا بالر آهن جيڪي هتان جي ڪنڊيشن ۾ اثرائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، مچل سينٽنر پرجوش آهي ته هو سڀاڻي ميدان ۾ لهندو، جڏهن ته لوڪي فرگوسن ٻيهر ٽيم کي جوائن ڪري رهيو آهي، هو پليئنگ اليون ۾ هوندو يا نه اهو مان نٿو چئي سگهان.