دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2028 لاءِ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
آءِ سي سي جي پڌرائي موجب، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي سُپر ايٽ مرحلي ۾ پهچندڙ اٺ ٽيمن ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2028 جي ميزباني آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ گڏجي ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڪل 20 ٽيمون حصو وٺنديون.
آءِ سي سي موجب، سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪندڙ ٽيمن ۾ پاڪستان، ڀارت، انگلينڊ، نيوزيلينڊ، سريلنڪا، زمبابوي، ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز شامل آهن.
آسٽريليا ميزبان هئڻ سبب سڌو ڪواليفاءِ ڪيو، جڏهن ته باقي ٽن بهترين ٽيمن جو فيصلو نوَ مارچ تائين آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جي بنياد تي ٿيندو.
پڌرائي موجب، ٽورنامينٽ ۾ باقي اٺ ٽيمن جي چونڊ ريجنل ڪواليفائر جي بنياد تي ڪيو ويندو.
واضح رهي ته اربع ڏينهن آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان نميبيا کي هڪ طرفي مقابلي ۾ 102 رنسن جي وڏي مارجن سان هارائي سُپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.