ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ قائم ڪميشن ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) کي سوالنامو جاري ڪري ڇڏيو.
جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي جي ايس بي سي اي کي 47 سوالن تي ٻڌل سوالنامو جاري ڪندي جواب گهريا ويا، جڏهن ته ڪميشن ايس بي سي اي کان گل پلازا جو سمورو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو.
جسٽس آغا فيصل چيو ته ايس بي سي اي چئي ٿي ته جيستائين شڪايت نه اچي ڪارروائي نٿا ڪري سگهون، اڄ هڪ ٻيو واقعو ٿيو آهي، جنهن ۾ 15 ماڻهو فوت ٿيا.
هن چيو ته 40 کان 50 گز تي اها عمارت ٺهيل هئي، 40 کان 50 گز تي هاءِ رائز عمارت جي اجازت ٿي سگهي ٿي، ان عمارت جي به ڪنهن شڪايت نه ڪئي هوندي.
ڪميشن ڊي سي ڏکڻ جاويد کوسي کان سوال ڪيو ته اسان پڇيو آپريشن ڪمانڊ ڪنهن وٽ هئي، ٻڌايو ويو ته ڪوئي نه هو.
ان تي جاويد کوسي چيو جڏهن باهه لڳي ته مان ويجهو ئي هيس، سڀ کان اڳ ۾ پهتس، پروٽوڪول تحت ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪيو ۽ ايس ايس پي سٽي به فوري طور پهتو هو.
You might also like