محسن نقوي پي ايڇ ايف صدارت سنڀالڻ وارين خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي هاڪي فيڊريشن جي صدارت سنڀالڻ بابت خبرن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
محسن نقوي لاهور ۾ قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلن جي حل تائين سهڪار جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.
ملاقات کانپوءِ محسن نقوي هاڪي فيڊريشن جي صدارت سنڀالڻ بابت پکڙيل افواهن تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي وضاحتي بيان جاري ڪيو.
پنهنجي بيان ۾هن چيو ته ”مان پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو صدر نه بڻجي رهيو آهيان، جڏهن ته هن بحران جي خاتمي تائين رانديگرن جي مدد جاري رکندس.“
واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) جي صدر طارق بگٽي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ ڪپتان عماد بٽ تي ٻن سالن جي پابندي لاڳو ڪئي، جنهن تحت هو ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل هاڪي نه کيڏي سگهندو.
طارق بگٽي الزام هنيو ته وزيراعظم شهباز شريف هاڪي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا هئا، جڏهن ته پرو ليگ لاءِ فنڊ پاڪستان اسپورٽس بورڊ وٽ هئا، جيڪو معاملا سنڀالڻ ۾ ناڪام رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.