آسٽريليا جو دورو ۽ قومي هاڪي رانديگرن جا الزام، غفلت جو ذميوار ڪير؟ جاچ رپورٽ سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي ٽيم جي آسٽريليا دوري بابت پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) جي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي وئي آهي.
ذريعن موجب، پي ايس بي جي رپورٽ ۾ پاڪستان هاڪي فيڊريشن ( پي ايڇ ايف ) کي قصوروار قرار ڏنو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آسٽريليا ۾ رهائشي انتظامن ۾ مبينا بدنظمي سامهون آئي آهي، پاڪستان هاڪي ٽيم کي 2 فيبروري تي لاهور کان روانو ٿيڻو هو ۽ 4 فيبروري تي هوبارٽ پهچڻو هو.
رپورٽ موجب، پي ايڇ ايف جي ويزا درخواستن ۾ دير ۽ غلطين سبب شيڊيول فلائيٽ رد ٿي وئي، جنهن کانپوءِ نيون ٽڪيٽون جاري ڪرائڻ تي 2 ڪروڙ 71 لک رپين جو اضافي خرچ پي ايس بي برداشت ڪيو، جڏهن ته ويزا پراسيس تي وڌيڪ 97 لک رپين جو مالي بار پڻ پي ايس بي کي کڻڻو پيو.
ذريعن موجب، ٽيم جي رهائش لاءِ 49 هزار 280 آسٽريلين ڊالر اڳواٽ پي ايڇ ايف کي جاري ڪيا ويا، آسٽريليا ۾ 12 ڊبل ۽ 2 سنگل ڪمرن جي بڪنگ لاءِ رقم فراهم ڪئي وئي، پر ٽيم ڊبل ٽري باءِ هيلٽن هوٽل ۾ ترسي نه سگهي، جنهن لاءِ اڳواٽ ادائيگي ڪئي وئي هئي.
رپورٽ موجب، هر رانديگر کي روزانو 115 آمريڪي ڊالر الائونس طور جاري ڪيا ويا، جڏهن ته ٻين خرچن لاءِ لڳ ڀڳ 3 هزار آمريڪي ڊالر به فراهم ڪيا ويا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان هاڪي ٽيم 5 فيبروري تي رواني ٿي ۽ 7 فيبروري تي هوبارٽ پهتي، جڏهن ته 6 کان 14 فيبروري دوران ٽيم لاءِ متبادل رهائش جو بندوبست ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.