رياض (ويب ڊيسڪ) برازيلين فٽبالر ڪٿيلين سوزا اسلام قبول ڪري عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڪيٿلين سوزا هن وقت سعودي عرب ۾ رهي ٿي ۽ هوءِ النصر فٽبال ڪلب ۾ ڪپتان طور عورتن جي فٽبال ٽيم جي نمائندگي ڪري رهي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، فٽبالر تازو اسلام قبول ڪيو ۽ هاڻي عمرو پڻ ادا ڪري ورتو آهي.
ان حوالي سان فٽبال ڪلب سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي باضابطا اعلان ڪندي ٻڌايو ته ڪيٿلين سوزا اسلام قبول ڪري ورتو آهي ۽ هن پنهنجي دوستن سان گڏ عمرو ادا ڪيو.
ڪلب طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ کيس جذباتي ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته سوشل ميڊيا واهپيدارن سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي مبارڪباد پيش ڪري رهيا آهن.
You might also like