اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام رمضان جي آمد تي مستحق عورتن لاءِ وڏي خوشخبريءَ جو اعلان ڪندي ٽه ماهي قسط ۾ هڪ هزار رپين جي واڌ ڪري ڇڏيو.
ٽه ماهي قسط ۾ هڪ هزار رپيا واڌ کانپوءِ حقدار عورتن جي رقم هاڻي ساڍن 13 هزار رپين مان وڌائي ساڍا 14 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ بينظير تعليمي وظيفن ۽ بينظير نشوونما پروگرام جي وظيفن ۾ به پنج سئو رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد چيو آهي ته جن عورتن ڊجيٽل واليٽ لاءِ مفت سِم حاصل ناهي ڪئي، اهي ترت پنهنجي سِم لاءِ بي آءِ ايس پي آفيس سان رابطو ڪن.
You might also like