پاڪستان، قطر ۽ عمان جهڙي سفارت ڪاري ڪڏهن سکندو؟

اسلام آباد( عامر راڻا)ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڪجهه خوشخبريون ملڻ شروع ٿيون آهن. جيتوڻيڪ جنگ جا بادل مڪمل طور ختم نه ٿيا آهن ۽ انهن جا امڪان اڃا موجود آهن، پر جنيوا ۾ آمريڪي  نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ڪجهه مثبت نتيجا سامهون آيا آهن.ايران اندر سفارتڪاري ۽ سفارتي سطح تي ڪهڙو ڪردار آهي ۽ ڪهڙن ملڪن جو اثر آهي، اهو سڀ کان اهم نقطو آهي، نرم سفارت ڪاري ۽ مفاهمتي عمل ۾ وچ اوڀر جي ملڪن جي وچ ۾ ٿوري “ريس” لڳل آهي، پاڪستان هن ريس ۾ ڇو شامل نه ٿيو؟ پاڪستان جي هڪ دٻيل خواهش آهي ته نيٽ سيڪيورٽي پرووائيڊر بڻجي، ۽ ان لاءِ ڪا رڪاوٽ ناهي. جنيوا ۾ ٿيل ملاقات ۾ عمان جو ڪردار اهم رهيو. عمان جي پرڏيهي وزير بدر ابو سعيدي هن عمل لاءِ سهولتڪاري ڪئي، جيڪو پهرين مسقط ۾ ٿيو ۽ پوءِ جنيوا منتقل ٿيو. عمان هڪ اهم ملڪ آهي، جنهن ۾ بلوچ آبادي به موجود آهي، ۽ گوادر جو تعلق عمان سان آهي، جيڪو پاڪستان سان هڪ معاهدي ذريعي حاصل ڪيو ويو هو.عمان جي سرحد ايران سان ملندي آهي، ۽ پاڪستان جو به هڪ پاڙيسري آهي، پر عمان پنهنجي غيرجانبداري کي هڪ ڊگهي عرصي تائين برقرار رکيو. اهو ڇو ڪيو ۽ هڪدم ايڪٽو ڇو ٿيو؟ شايد ايران جي پاڙيسريت جو اثر، يا عمان جي عالمي ۽ علائقائي سياست ۾ هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو هو، عمان ۾ نئون سلطان اچڻ بعد، قطر جي ماڊل کي اختيار ڪيو، جيئن قطر دنيا ۾ سفارتڪاري ۽ ريڪنسيليئيشن ۾ سرگرم آهي، جنهن ۾ سعودي عرب ۽ ترڪي پڻ شامل آهن،مفاهمتي سفارت ڪاري ۾ ملڪ پنهنجو نرم تشخص ۽ اسٽرٽيجڪ پاور وڌائين ٿا، عمان به اهو رستو اختيار ڪيو. پر پاڪستان اهو رستو ڇو اختيار نه ڪري سگهيو؟ پاڪستان جا سفارتي نمائندا موجود آهن، ۽ ملڪ مسلسل چوندو رهيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين جي حمايت ڪندو،اهو امن ڪوششن سان گڏ آهي، پر واضح پوزيشن نه ورتي. غيرجانبداري هن پوري خطي ۾ پاڪستان جي پاليسي آهي.جيڪڏهن پاڪستان هن وقت اها ڪوشش ڪري ته جيئن عمان ۽ قطر جهڙي ريڪنسيليئيشن ۾ حصو وٺي، ان لاءِ پهريان پنهنجي اندروني مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. افغانستان ، هندستان سان مسئلا، ڪشمير جو موضوع، سڀ پاڪستان جي آپشن کي محدود ڪن ٿا.ان کان علاوه، پاڪستان جي اندروني سيڪيورٽي صورتحال، مذهبي دهشتگردي، ٽي ٽي پي ۽ داعش جون سرگرميون، بلوچ ويڙهه وغيره، ايران سان لاڳاپيل حڪمت عملي تي اثر انداز ٿين ٿيون. ايران جي سرحد تي به شورش موجود آهي، ۽ ايران اندر سني مخالف عنصر پنهنجون سرگرميون هلائي رهيا آهن.هڪ بهتر حڪمت عملي اهو ٿي سگهي ٿي ته پاڪستان پنهنجي سفارتڪاري اهڙي طريقي سان هلائي ته غيرجانبداري برقرار رهي ۽ ريڪنسيليئيشن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو به محفوظ رهي. جڏهن پاڪستان رڳو پنهنجن سيڪيورٽي مفادن تي ڌيان ڏئي ٿو، تڏهن نرم سفارت ڪاري  جو اثر محدود ٿئي ٿو.پاڪستان کي ايندڙ منظرنامي ۾ پنهنجي پاليسين کي تبديل ڪرڻي پوندي، ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين مسئلن کي نظر ۾ رکڻو پوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 19 فيبروري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.