پاڪستان افغانستان ۾ هوائي ڪارروائيون ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ هوائي ڪارروائيون ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو دوران خواجا آصف ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملا ڪابل ۾ طالبان حڪومت ۽ ڀارت جي ڳٺ جوڙ سان ڇڙيل ”پراڪسي وار“ جو نتيجو آهن.
هن چيو ته جيستائين ڪابل طرفان امن جي ڪا ضمانت نه ڏني ويندي، پاڪستان افغانستان ۾ نيون هوائي ڪارروائيون ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو.
واضح رهي ته پاڪستاني حڪومت جو موقف آهي ته ملڪ ۾ شدت پسندي جي وڏين ڪارروائين ۾ ملوث پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان کي افغانستان ۾ موجود طالبان حڪومت جي حمايت حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.