افغان نائب سفير جي پرڏيهي آفيس طلبي، پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال تي ڊي مارش ڪيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان نائب سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال تي ڊي مارش ڪيو ويو آهي.
خميس ڏينهن هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان کي ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي آهي ته افغانستان جي سرزمين اڃا به پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.
هنن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جي سموري قيادت افغانستان ۾ موجود آهي ۽ افغان سرزمين تان سرعام ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي سرگرم آهن.
ترجمان واضح ڪيو ته افغان سفير کي ٻڌايو ويو آهي ته اهڙا واقعا ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي امن لاءِ نقصانڪار آهن.
طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته افغان حڪومت پنهنجي سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف اثرائتي ۽ جوڳي ڪارروائي ڪري.
واضح رهي ته 16 فيبروري تي خيبرپختونخوا جي ضلعي باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي هڪ دهشتگرد حملو ٿيو هو، جنهن ۾ 11 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.
آءِ ايس پي آر طرفان ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو هو ته حملي جي نتيجي ۾ 11 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ نينگري شهيد ٿيا.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته دهشتگردن بارودي مواد سان ڀريل هڪ گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي جنهن جي نتيجي ۾ چيڪ پوسٽ جي عمارت تباهه ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.