اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سڀني رجسٽرڊ دڪانن کي هڪ هفتي اندر ايف بي آر جي نظام سان جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن تحت پوائنٽ آف سيلز مشين سان سلهاڙيل سمورا ڪاروبار ايف بي آر سان جوڙيا ويندا، هوٽل، گيسٽ هائوس، ميرج هال ۽ ڪلبز تي به اهو فيصلو لاڳو ٿيندو، جڏهن ته انٽر سٽي ٽرانسپورٽ، ڪوريئر ۽ ڪارگو سروسز به لازمي جوڙڻي پوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بيوٽي پارلرز، اسلمنگ سينٽرز ۽ بيوٽي ڪلينڪس لازمي ايف بي آر سان رجسٽرڊ ڪرائڻا پوندا، هيئر ٽرانسپلانٽ، پرائيويٽ ڪلينڪس، ڊينٽل ڪلينڪس ۽ پلاسٽڪ سرجنز جا بزنس به جوڙيا ويندا.
نوٽيفڪيشن موجب ليبارٽرين، جانورن جي ڊاڪٽرن، ڊائگناسٽڪ سينٽرن، ايڪسري سينٽرن، پرائيويٽ اسپتال، پرائيويٽ ڪنسلٽنٽس، هيلٿ ڪيئر سروسز، هيلٿ ڪلبز، سوئمنگ پولز، فٽنيس ڪلبز ۽ ملٽي پرپز ڪلبز کي به ٽيڪس نظام سان جوڙڻو پوندو.
ايف بي آر موجب ڪراچي جمخانه، رائل پام، چناب ڪلب، اسلام آباد ڪلب، لاهور جمخانه کي به ٽيڪس نظام سان جوڙيو ويندو، چارٽرڊ اڪائونٽنٽس فرمز، ڪاسٽ اينڊ مينيجمينٽ جون خدمتون ڏيندڙن کي به ٽيڪس نظام سان جڙڻو پوندو.
ان کانسواءِ ماهوار 1000 رپيا فيس وارن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي به ٽيڪس نظام سان جڙڻو پوندو.
نوٽيفڪيشن موجب انڪم ٽيڪس جي شق 33 تحت ٽيڪس نظام سان جڙڻ بنيادي شرط هوندو، ٽيڪس نظام سان جڙيل ڪاروبار پوائنٽ آف سيلز مشين لڳائڻ جا پابند هوندا.
دڪان، هوٽل، ڪلب، اسپتال ۽ بيوٽي پارلر سميت مختلف ڪاروبار کي ايف بي آر سان جوڙڻ لازمي قرار
You might also like