اسلام آباد (بيورو) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏيوزير سهيل آفريدي جي ڪارڪردگي سواليا نشان بڻجي وئي آهي. صوبو گورننس ۽ سيڪيورٽي مسئلن جو شڪار آهي جڏهن ته عوام مهانگائي ۽ غير يقيني صورتحال کان پريشان آهن. ڊاڪٽر فضل چوڌري چيو ته عوام کي بيانن جي نه پر عملي قدمن ۽ امدادي پيڪيجز جي ضرورت آهي، ۽ وڏو وزير اسلام آباد ۾ ويٺو سياست ڪري رهيو آهي جڏهن ته عوام خدمت جي انتظار ۾ آهن.