ڪراچي/ملير/گڏاپ (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ايم 9 سپر هاءِ وي تي ڊي ايڇ اي سٽي ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب، هڪ هاءِ ايس وين ۽ 2 ٽرڪون پاڻ ۾ ٽڪرائي ويون. فوتين ۾ حميده زال غلامرسول، عبدالباري ولد نور محمد ۽ ولي محمد ولد نور محمد شامل آهن. ريسڪيو ٽيمون زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير حادثي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
-
ڪروڙين رپيا ٽول ٽيڪس وٺڻ باوجود سنڌ جا روڊ تباهه آهن: رياض چانڊيو
حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، سينيئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، وائيس چيئرمين سيد نواز شاهه ڀاڏائي، جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت ۽ ٻين اڳواڻن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي روڊن تي موت جو راڄ قائم آهي. هنن الزام هنيوته وفاقي حڪومت، ايف ڊبليو او، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ سنڌ حڪومت غير قانوني ٽول پلازا قائم ڪري ماهوار ڪروڙين رپيا وصول ڪن ٿيون، پر روڊن جي حالت انتهائي خراب آهي. سندن چوڻ هو ته ڪراچي کان سجاول ۽ ٻين علائقن تائين اهم شاهراهون تباهه آهن ۽ هيوي ٽريفڪ سبب روزانو حادثا پيش اچن ٿا، جن ۾ بيگناهه ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي ايمرجنسي سهولتن، اسپتالن ۽ ايمبولينس سروس جي کوٽ حڪمرانن جي نااهلي ظاهر ڪري ٿي. بيان ۾ چيو ويو ته هلندڙ مهيني دوران خراب روڊن سبب 50 جانيون ضايع ٿيون آهن، جن جا ذميوار وزيراعظم شہباز شریف ۽ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاہ آهن، ۽ سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.