اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت هلندڙ سال لاءِ زڪوات جو نصاب مقرر ڪري ڇڏيو.
ايڊمنسٽريٽر جنرل زڪوات هلندڙ سال لاءِ زڪوات جو نصاب 5 لک 3 هزار 529 رپيا مقرر ڪيو آهي.
جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن پهرين رمضان تي ڪنهن اڪائونٽ ۾ موجود رقم 5 لک 3 هزار 529 رپين کان گهٽ هوندي ته ان تي زڪوات نه ڪاٽي ويندي.
پڌرائيءَ موجب پهرين رمضان المبارڪ تي سڀني سيونگ اڪائونٽن ۽ نفعي ۽ نقصان ۾ ڀائيوار اڪائونٽن مان زڪوات ڪاٽي ويندي، جڏهن ته زڪوات جي مد ۾ ڪتوٽي ڪيل رقم اسٽيٽ بينڪ ۾ موجود سينٽرل زڪوات اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي.
واضح رهي ته پهرين رمضان تي سمورا مالياتي ادارا عوامي ڏي وٺ لاءِ بند رهندا.
You might also like